ڪنڌڪوٽ ۾ عدالت چرس رکڻ جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي ٽن جوابدارن کي 8 سال قيد ۽ 70 هزار روپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي

Kandhkot

ڪنڌڪوٽ ۾ عدالت چرس رکڻ جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي ٽن جوابدارن کي 8 سال قيد ۽ 70 هزار روپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي.

ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج ڪنڌڪوٽ سيد ذوالفقار علي شاهه جي عدالت 4 ڪلو چرس رکڻ جي ڏوهه ثابت ٿيڻ تي ٽن جوابدارن شوڪت علي پٺاڻ، فقير رحمان ۽ سيد غوث علي شاهه کي 8 سال قيد ۽ 70 هزار روپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي.

ڪنڌڪوٽ جي ايڪسائز  پوليس ٽنهي جوابدارن کي 2015 ۾ چرس رکڻ جي الزام هيٺ گرفتار ڪيو هو……………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*