يوريا ڀاڻ جي في ٻوري اگهه ۾ 400 رپيا ۽ ڊي اي پي في ٻوري اگهه ۾ 300 رپيا لاٿ ڪئي وئي آهي،ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار

Ishaq-Dar-4616

ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته يوريا ڀاڻ جي في ٻوري اگهه ۾ 400 رپيا ۽ ڊي اي پي في ٻوري اگهه ۾ 300 رپيا لاٿ ڪئي وئي آهي، زرعي مقصدن لاءِ استعمال ٿيندڙ بجليءَ جي اگهه ۾ ساڍا ٽَي رپيا گهٽتائي ڪئي وئي آهي، هاڻي  آبادگارن کي وڌيڪ رليف ڏيڻ لاءِ صوبائي حڪومتون به قدم کڻن،  اسان هڪ بهتر بجيٽ پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، يقين ٿا ڏياريون ته ڪڪڙ جي گوشت جو اگهه 2 سئو رپيا في ڪلو کان نه وڌندو.

اسلام آباد ۾ پوسٽ بجيٽ پريس ڪانفرنس ڪندي اسحاق ڊار چيو ته بهتر بجيٽ پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جنهن ۾ آبادگارن کي وڌ کان وڌ رليف ڏنو ويو آهي.

هن چيو ته ڊي اَي پي ڀاڻ جي اگهه ۾ في ٻوري تي 300 ۽ يوريا ڀاڻ تي 400 رپيا لاٿ ڪئي وئي آهي، جڏهن ته زرعي دوائن تي ٽيڪس ۾ پڻ گهٽتائي ڪئي پئي وڃي.

هن چيو ته زرعي مقصدن لاءِ استعمال ٿيندڙ بجلي جي في يونٽ تي ساڍا ٽَي رپيا گهٽتائي ڪئي وئي آهي ۽ زرعي شعبن ۾ قرض 100 ارب تائين وڌايو ويو آهي.

اسحاق ڊار چيو ته وفاقي حڪومت زرعي شعبي جي ترقي تي خاص ڌيان ڏئي رهي آهي، هاڻي صوبائي حڪومتون به آبادگارن کي رليف ڏيڻ لاءِ قدم کڻن.

ناڻي واري وفاقي وزير چيو ته 2013ع ۾ پاڪستان کي ڏيوالپڻي جو شڪار ٿيڻ کان بچايو، حڪومت جي مالياتي پاليسين سبب غير ملڪي سيڙپڪاري وڌندي.

هن چيو ته سيڙپڪاري ۾ نجي شعبي جو 2 ڏهائي 3 سيڪڙو حصو متوقع آهي، سال 2016ع ۾ ٽيڪس جي شرح 15 سيڪڙو تائين پهچي وئي آهي، ٽيڪس ري فنڊ جي واپسي 30 آگسٽ تائين مڪمل ڪئي ويندي.

سندس چوڻ هو ته ملازمن جي پگهارن ۾ 10 سيڪڙو واڌ ڪئي وئي آهي، گذريل حڪومت جو کنيل 10 ارب ڊالر قرض واپس ڪيو، رمضان دوران مهانگائي تي ضابطي لاءِ مڪمل مانيٽرنگ ڪئي ويندي.

ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار چيو ته پولٽري ايسوسيئيشن قيمتون نه گهٽائڻ جي خاطري ڪرائي آهي، زنده ڪڪڙ في ڪلو ڏيڍ سئو رپيا ۽ ڪڪڙ جو گوشت في ڪلو 200 رپين کان نه وڌندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*