ڪراچي جي گلستان جوهر واري علائقي ۾ ڊي ايس پي جي گهر تي فائرنگ ڪئي وئي، اورنگي ٽائون ۽ لانڍي وارن علائقن ۾ مبينا مقابلن دوران 5 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو

DSP-Firing-CCTV-4616

ڪراچي جي گلستان جوهر واري علائقي ۾ ڊي ايس پي جي گهر تي فائرنگ ڪئي وئي، اورنگي ٽائون ۽ لانڍي وارن علائقن ۾ مبينا مقابلن دوران 5 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو.

هٿياربندن ڪراچي جي گلستان جوهر بلاڪ 16 ۾ ڊي ايس پي قمر احمد جي گهر تي فائرنگ ڪئي ۽ فرار ٿي ويا، واقعي ۾ ڪو به جاني نقصان نه ٿيو.

سي سي ٽي وي فٽيجز ۾ نظر اچي پيو ته هڪ موٽرسائيڪل تي سوار ٻه جوابدار گهٽي ۾ داخل ٿين ٿا ۽ موٽرسائيڪل جو رخ تبديل ڪري فائرنگ ڪن ٿا، جنهن بعد ساڳئي طرف هليا ٿا وڃن.

ڊي ايس پي قمر احمد ڪراچي ۾ ڏوهارين خلاف آپريشن ۾ سرگرم رهيو آهي.

ان کان اڳ پوليس اورنگي ٽائون جي پير آباد واري علائقي ۾ ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪري ٽن جوابدارن کي حراست ۾ وٺي هٿيار، ڦر ڪيل موٽرسائيڪل ۽ ٻيو سامان هٿ ڪري ورتو.

پوليس موجب لانڍي جي عيد گاهه  گرائونڊ واري علائقي ۾ به ڏوهارين سان مقابلو ٿي پيو، جنهن دوران ٻن ڏوهارين کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو.

پوليس موجب جوابدارن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي…

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*