دادو ۾ ڊاڪٽر جي ميبنا نا انصافين خلاف پاڻ کي ساڙيندڙ ملازم سان انصاف نه ٿيڻ خلاف وارثن ۽ علائقي واسين احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو

Dadu-Insaf-protest-4616

دادو ۾ ڊاڪٽر جي ميبنا نا انصافين خلاف پاڻ کي ساڙيندڙ ملازم سان انصاف نه ٿيڻ خلاف وارثن ۽ علائقي واسين احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو.

ملازم جي وارثن ۽ علائقي واسين ستار برهماڻي، علي احمد برهماڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو ڌرڻو هڻي نعريبازي ڪئي.

مظاهرين چيو ته ڊاڪٽر جي زيادتين خلاف پاڻ ساڙيندڙ ملازم بخشل برهماڻي حيدرآباد اسپتال ۾ علاج هيٺ آهي، پر 5 ڏينهن گذري وڃڻ باوجود الزام هيٺ آيل ڊاڪٽر خلاف ڪابه ڪارروائي ناهي ڪئي وئي.

هنن چيو ته ملازم بخش بروهي جو علائقي واسين جي مدد سان چندو ڪري علاج ڪرايو پيو وڃي، صحت کاتي جي ڪنهن به عملدار سندن سار نه لڌي آهي.

احتجاج ڪندڙن مطالبو ڪيو ته ملازم کي باڙ ساڙڻ تي مجبور ڪندڙ ڊاڪٽر خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو………………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*