ايم ڪيو ايم پاران ڪراچي ۾ پاڻي کوٽ خلاف اڄ احتجاجي ريلي ڪڍي وزيراعليٰ هائوس ٻاهران ڌرڻو هڻڻ جو اعلان

Waseem-Akhtar-01-620x330

 ايم ڪيو ايم پاران ڪراچي ۾ پاڻي کوٽ خلاف اڄ احتجاجي ريلي ڪڍي وزيراعليٰ هائوس ٻاهران ڌرڻو هڻڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، جڏهن ته وزيراعليٰ هائوس ڏانهن ويندڙ سمورا رستا ڪنٽينر رکي بند ڪري وڏي انگ ۾ پوليس اهلڪارن کي مقرر ڪيو ويو آهي.

ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جو چوڻ آهي ته احتجاج ۾پارٽي جا مرڪزي اڳواڻ، اسيمبلي ميمبر، يوسيز چيئرمين ۽ ڪارڪنن شرڪت ڪندا.

ايم ڪيو ايم  جي ميئر لاءِ نامزد اميدوار وسيم اختر جو چوڻ آهي ته سي ايم هائوس آڏو اڄ هر حال ۾ ڌرڻو هنيو ويندو.

وسيم اختر جو وڌيڪ چوڻ هو ته ڪراچي ۾ پاڻي جي بدترين کوٽ ۽ اختيارن جي معاملي تي اڄ وڏي وزير سان ڳالهايو ويندو.

ايم ڪيو ايم جي اعلانيل ڌرڻي سبب وزيراعليٰ هائوس ڏانهن ويندڙ رستن  کي ڪنٽينر رکي بند ڪرڻ کانپوءِ وڏي انگ ۾ اهلڪارن کي مقرر ڪيو ويو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*