اڳوڻي عالمي هيوي ويٽ چيمپيئن محمد علي جي تدفين جمعي تي امريڪي رياست ڪينٽڪي جي شهر لوئس ويلي ۾ ڪئي ويندي

Mohammad-Ali

اڳوڻي عالمي هيوي ويٽ چيمپيئن محمد علي جي تدفين جمعي تي امريڪي رياست ڪينٽڪي جي شهر لوئس ويلي ۾ ڪئي ويندي، عظيم باڪسر جي لاڏاڻي واري سوڳ ۾ سندس اباڻي شهر ۾ قومي جهنڊو نِويل آهي.

باڪسر محمد علي جي تدفين سندس اباڻي شهر لوئِس ويلي ۾ ڪئي ويندي، جنهن ۾ امريڪا جو اڳوڻو صدر بل ڪلنٽن به شرڪت ڪندو.

عظيم باڪسر جي لاڏاڻي تي سندس اباڻي شهر لوئس ويلي ۾ قومي جهنڊو نويل آهي ۽ مداحن پاران گلدستا رکي کيس ڀيٽا پيش ڪئي پئي وڃي.

آمريڪي رياست ڪينٽڪي سان تعلق رکندڙ محمد علي پهريون ڀيرو 1964۾ باڪسنگ جو  عالمي هيوي ويٽ چيمپيئن بڻجڻ جو اعزاز حاصل ڪيو، جنهن بعد هن 1974۽1978۾ به اهو اعزاز پنهنجي نالي ڪيو.

ليجنڊ باڪسر محمد علي کي 1984۾ پارڪنسنز  جي مرض ۾ مبتلا ٿيڻ بعد 1984۾ عالمي باڪسنگ کان رٽائر ٿي ويو .

عظيم باڪسر محمد علي 25 فيبروري 1954۾ سوني لسٽن خلاف فائيٽ ۾ ڪاميابي بعد هڪ ڏينهن بعد يعني 26 فيبروري 1954۾ اسلام قبو ل ڪيو ۽ پنهنجو نالو محمد علي رکيو.

ان کان پهرين سندس نالو ڪيسئيس ڪِلـَي هو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*