سن ڀرسان گذريل ڏينهن روڊ حادثي ۾ فوت ٿي ويل ٻن ٻارڙين سميت هڪ ئي ڪٽنب جي پنجن ڄڻن جا لاش لاڙڪاڻي پهچائڻ بعد مٽيءَ ماءُ حوالي

larkana-dead-body

سن ڀرسان گذريل ڏينهن روڊ حادثي ۾ فوت ٿي ويل ٻن ٻارڙين سميت هڪ ئي ڪٽنب جي پنجن ڄڻن جا لاش لاڙڪاڻي پهچائڻ بعد مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيا ويا، هڪ ئي گهر جي پنجن ماڻهن لاش پهچڻ ڪري علائقي ۾ سوڳ ڇائجي ويو.

سن ڀرسان سپر هاءِ وي تي ٽرالر جو ڪار کي ٽڪر لڳڻ جي نتيجي ۾هڪ ئي ڪٽنب جا 5 ڄڻا فوت ۽  هڪ نينگري زخمي ٿي پئي هئي.

حادثي فوت ٿي ويل نوجوان فرحان شيخ، سندس گهرواري صنم شيخ، 4 سالن جي ٻارڙي مريم، ٻن  ورهين جي خديجا ۽ 11 ورهين جي اقراءَ شيخ لاش سن کان لاڙڪاڻي پهچايا ويا.

حادثي ۾ فوت  ٿي ويلن جا مڙهه ابوبڪر قبرستان ۾ مٽيءَ ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيا ويا، فوتين جي جنازي نماز ۾ سياسي سماجي تنظيمن جي ماڻهن سميت شهرين جي وڏي انگ شرڪت ڪئي، ان دوران ماحول سوڳوار رهيو.

حادثي جي نتيجي ۾ زخمي ٿيل وڌيڪ هڪ نينگري آسيا شيخ جو ڄامشورو لمس اسپتال ۾ علاج ڪاري آهي………………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*