سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڌار ڌار روڊ حادثن جي نتيجي ۾3 ڄڻا فوت ۽ 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا

road-accident


سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڌار ڌار روڊ حادثن جي نتيجي ۾3 ڄڻا فوت ۽ 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا ۽ حافظ آباد ۾ مسافر بس ۽ ٽرڪ وچ ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا فوت ۽ 15 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن.

ڪراچي جي گلشن معمار واري علائقي سپر هاءِ تي ڊمپر جو سوزوڪي کي ٽڪر لڳڻ جي نتيجي ۾هڪ ٻارڙو فوت ۽ 2 ڄڻا زخمي  ٿي پيا، جنهن بعد جو لاش ۽ زخمن کي جناح اسپتال پهچايو ويو.

ڌاٻيجي ڀرسان قومي شاهراهه تي ڪار ۽ موٽرسائيڪل وچ ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ نوجوان خديج جوکيو فوت ٿي ويو.

مٺي ۾ بس ٽرمل وٽ مسافر ڪوچ جو ٽڪر لڳڻ جي نتيجي ۾ ڪمال الدين جوڻيجو   نالي نوجوان فوت ٿي ويو، جنهن جو لاش اسپتال منتقل ڪيو ويو.

حافظ آباد جي پنڊي ڀٽيان واري علائقي ۾ مسافر بس ۽ ٽرڪ ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ عورت سميت 3 ڄڻا فوت ۽ 15 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي……………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*