عمرڪوٽ ۾ 10 ورهين جي درشنا بجير کي مبينا زيادتي جو نشانو بڻائي قتل ڪندڙ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ سياسي سماجي تنظيمن احتجاجي مظاهرو ڪيو

umarkot-protest-bajir-child

عمرڪوٽ ۾ 10 ورهين جي درشنا بجير کي مبينا زيادتي جو نشانو بڻائي قتل ڪندڙ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ سياسي سماجي تنظيمن احتجاجي مظاهرو ڪيو.

شهرين ايم اين اي لال مالهي، حليم سومرو، عبدالله کوسو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مين بازار کان ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري نعريباز ي ڪئي.

ان موقعي تي ايم اين اي لال مالهي جو چوڻ هو ته معصوم نياڻي کي زيادتي جو بشانو بڻائي بي دردي سان قتل ڪندڙ جوابدارن کي پوليس اڃا تائين گرفتار نه ڪري سگهي آهي.

هن چيو ته ٻارڙي درشنا بجير جي ميڊيڪل رپورٽ به منظر عام تي اچي وئي آهي، جنهن ۾ واضح آهي ته ٻارڙي کي زيادتي بعد پاڻي ۾ ٻوڙي قتل ڪيو ويو آهي.

 ايم اين اي لال مالهي چيو ته ڪجهه بااثر ڌرين ان ڪيس کي لوڙهڻ ۾ رڌل آهن، درشنا بجير وارو معاملو پارليامينٽ به اٿاريو ويندو………………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*