ڪراچي جي لانڍي جيل مان 18 ڀارتي مهاڻن کي خير سگالي واري جذبي تحت آزاد ڪيو ويو

central-jail-karachi07

ڪراچي جي لانڍي جيل مان 18 ڀارتي مهاڻن کي خير سگالي واري جذبي تحت آزاد ڪيو ويو آهي، جن کي سڀاڻي واهگا بارڊر تي ڀارتي اختيارين حوالي ڪيو ويندو.

لانڍي جيل سپرينٽينڊنٽ موجب 18 ڀارتي مهاڻن کي آزاد ڪيو ويو آهي، جن کي ڪراچي ڪينٽ اسٽيشن تان ٽرين ذريعي واهگا بارڊر پهچايو ويندو، جتان کين ڀارتي اختيارين حوالي ڪيو ويندو.

پاڪستان سرڪار هيل تائين ڪيترن ئي ڀارتي مهاڻن کي آزاد ڪري چڪي آهي پر ڀارت ۾ جيلن  ۾سنڌ جا ڪيترائي مهاڻا سالن کان قيد آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*