نوابشاهه ويجهو مبينا پوليس مقابلي ۾ مارجي ويل محمد اسلم جو مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو

nawabshah-police-mukablo

نوابشاهه ويجهو مبينا پوليس مقابلي ۾ مارجي ويل محمد اسلم جو مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، وارثن چيو آهي ته سندن همراهه کي 3 ڏينهن اڳ گرفتار ڪيو ويو هو ۽ کيس جڙتو مقابلي ۾ ماريو ويو آهي.

 گذريل رات نوابشاهه-سٺ ميل روڊ تي مبينا پوليس مقابلي ۾ محمد اسلم ماڇي مارجي ويو، جنهن جو لاش بي سيڪشن پوليس پي ايم يو اسپتال پهچايو.

مقتول جي وارث غلام شبير، هارون ۽ ٻين اسپتال مان لاش وصول، نوابشاهه پريس ڪلب ۾ دانهيندي هنن چيو ته اسلم ماڇي کي 3 ڏينهن اڳ بي سيڪشن پوليس گرفتار ڪيو هو.

هنن چيو ته نوجوان کي رات جڙتو مقابلي ۾ ماريو ويو آهي، انصاف فراهم ڪيو وڃي…………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*