بلوچستان جي بولان واري علائقي ۾ ريلوي ٽريڪ تي ڌماڪي سبب پٽڙي جو 2 فوٽ حصو اڏامي ويو

balochistan-bolan-railway-t

بلوچستان جي بولان واري علائقي ۾ ريلوي ٽريڪ تي ڌماڪي سبب پٽڙي جو 2 فوٽ حصو اڏامي ويو، جنهن سبب سنڌ ۽ پنجاب ڏانهن ٽرينن جي اچ وڃ معطل ٿي وئي، ليويز ۽ سڪيورٽي فورسز علائقي کي ڪڙو چاڙهي سرچ آپريشن شروع ڪري ڇڏيو.

بولان جي ڪولپور واري علائقي ۾ ڪوئيٽا کان سنڌ ۽ بلوچستان طرف ويندڙ ريلوي ٽريڪ تي زوردار ڌماڪو ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ پٽڙِيءَ جو 2 فوٽ حصو اڏامي ويو.

ريلوي ٽريڪ تي ٽرينن جي اچ وڃ معطل ٿي وئي آهي، جڏهن ته ڌماڪي سبب ڪوبه جاني يا مالي نقصان نه ٿيو.

ڌماڪي کانپوءِ ليويز ۽ سڪيورٽي فورسز علائقي کي ڪڙو چاڙهي سرچ آپريشن شروع ڪيو.

ريلوي اختيارين موجب ڪجهه ڪلاڪن اندر ريلوي ٽريڪ جي مرمت ڪري ٽرينن جي اچ وڃ بحال ڪئي ويندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*