افغان صوبي ڪنڙ جي ماموند واري علائقي مان باجوڙ ايجنسي ۾ پاڪستاني سڪيورٽي فورسز جي پوسٽن تي دهشتگردن جي فائرنگ ۾ ڪوبه جاني نقصان نه ٿيو

bajor-agancy27-8

افغان صوبي ڪنڙ جي ماموند واري علائقي مان باجوڙ ايجنسي ۾ پاڪستاني سڪيورٽي فورسز جي پوسٽن تي دهشتگردن جي فائرنگ ۾ ڪوبه جاني نقصان نه ٿيو، ذريعن موجب سڪيورٽي فورسز جي ڀرپور جوابي ڪارروائي ۾ دهشتگرد واپس افغانستان فرار ٿي ويا.

سڪيورٽي ذريعن موجب باجوڙ ايجنسي واري علائقي ۾ افغان صوبي ڪنڙ جي ماموند واري علائقي مان پاڪستاني سڪيورٽي فورسز جي چيڪ پوسٽن تي فائرنگ ڪئي وئي.

ذريعن موجب دهشتگردن جي فائرنگ سبب ڪنهن به قسم جو نقصان نه ٿيو، جڏهن ته سڪيورٽي فورسز جي جوابي ڪارروائي کانپوءِ دهشتگرد ٻيهر افغانستان فرار ٿي ويا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*