جهنگلي جيوت جي غيرقانوني ڪاروبار، جانورن کي مارڻ ۽ انهن جي اسمگلنگ سبب ماحوليات کي سخت خطرا درپيش آهن:ماحولياتي ماهر

Hyd-Environment-Seminar

جهنگلي جيوت جي تحفظ لاءِ اڄ سنڌ سميت سموري ملڪ ۾ ماحوليات جو ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي، سنڌ ۾ مورن ۽ ناياب نسل انڊس ڊالفنس جو تحفظ داءَ تي لڳل آهي.

 ماحوليات جي تحفظ جي عالمي ڏهاڙي تي مختلف تنظيمن پاران سيمينار ، واڪ ۽ ٻيا پروگرام منعقد ڪيا ويا آهن.

سموري دنيا ۾ ماحوليات جي تحفظ جو ڏهاڙو جهنگلي جيوت جي غيرقانوني ڪاروبار خلاف ويڙهه جي عنوان سان ملهايو پيو وڃي.

ماحوليات جي ماهرن جو چوڻ آهي ته جهنگلي جيوت جي غيرقانوني ڪاروبار، جانورن کي مارڻ ۽ انهن جي اسمگلنگ سبب ماحوليات کي سخت خطرا درپيش آهن.

ماحوليات جي ماهرن جو چوڻ آهي ته جهنگلي جيوت جي تباهي سبب اقتصادي ترقي کي ڪاپاري ڌڪ رسيو آهي.

 ماهرن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته پاڻي نه هئڻ سبب ڊيلٽا وارو علائقو تباهه ٿي ويو آهي ۽ ٻيلا گهٽجڻ سبب ماحوليات جي وڏي تباهي ٿي رهي آهي.

اڄ ماحوليات جي تحفظ وارو ڏينهن ملهايو پيو وڃي، مورن ۽ ناياب نسل انڊس ڊالفنس جو تحفظ داءَ تي لڳل آهي.

ماحوليات جي تحفظ جي عالمي ڏينهن تي حيدرآباد هڪ پروگرام منعقد ڪيو ويو، جنهن جي جهنگلي جيوت کاتي جي عملدارن ۽ ٻين شهرين سعيد اختر بلوچ، فضل چانڊيو، غلام سرور جمالي ۽ سهيل احمد کوسو  شرڪت ڪئي.

مقررن چيو ته سياسي مداخلت ۽ ٻين سببن جي ڪري جهنگلي جيوت کاتي ۾ عمل نه پيو ٿئي، ٻيلن ۽ ڍنڍن تي قبضا ڪيا ويا آهن.

هنن مطالبو ڪيو ته جهنگلي جيوت کاتي جي قانون تي عمل ڪري ماحوليات جي تحفظ لاءِ اپاءُ ورتا وڃن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*