پشاور ۾ خواجا سرا جي قتل خلاف کدڙن فقيرن راولپنڊي جي مري روڊ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو

rawilpandi-khuwaja-sara-pro

پشاور ۾ خواجا سرا جي قتل خلاف کدڙن فقيرن راولپنڊي جي مري روڊ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو.

ڪجهه ڏينهن اڳ پشاور ۾ جوابدار فائرنگ ڪري کدڙي فقير عليشه کي زخمي ڪيو، ليڊي ريڊنگ اسپتال انتظاميا پاران زخمي کي داخل نه ڪرڻ سبب هو تڙپي فوت ٿيو هو.

راولپنڊي جي مري روڊ تي کدڙن فقيرن ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو، جنهن دوران ٽريفڪ جي اچ وڃ معطل ٿي وئي.

مظاهرين جو چوڻ آهي ته ليڊي ريڊنگ اسپتال جي انتظاميا جي نااهلي سبب عليشه زندگي جي جنگ هارائي وئي، جنهن خلاف ڪابه ڪاروائي نه ٿي آهي.

هنن مطالبو ڪيو ته کدڙي فقير جي جوابدارن گرفتار ڪري کين انصاف ڏياريو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رکيو ويندو…………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*