ڇاڇري ويجهو اجتماعي زيادتي جو نشانو بڻيل شريمتي پارتي ڀيل جو ڪيس ٻن جوابدارن خلاف کينسر ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو

Chachro-Ganu-kamrar-Mubina-Zidti-ka-Shekar-bheel-6616

ڇاڇري ويجهو اجتماعي زيادتي جو نشانو بڻيل شريمتي پارتي ڀيل جو ڪيس ٻن جوابدارن خلاف کينسر ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو، عورت جي وارثن جوابدارن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو.

شريمتي پارتي جي مڙس آچار ڀيل جي فرياد تي ٻن جوابدارن اصغر پلــِي ۽ شوڪت پلي خلاف کينسر ٿاڻي تي زيادتي جو ڪيس داخل ڪيو ويو.

متاثر عورت جي ڪٽنب ڪيس ۾ نامزد جوابدارن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪرري نعريبازي ڪئي.

احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته 4 ڏينهن اڳ ڳوٺ قمڙهاڙ ڀيل ۾ بااثر جوابدارن اصغر ۽ شوڪت پلي گهر اندر داخل ٿي شريمتي پارتي سان اجتماعي زيادتي ڪئي، پوليس سندن خلاف ڪارروائي ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي.

هنن مطالبو ڪيو ته پارتي ڀيل جو علاج ڪرائڻ لاءِ ليٽر جاري ڪري ڪيس ۾ نامزد ٻنهي جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*