سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو آهي ته ماڻهو پاڻي ۽ بجلي جي معاملن تي سياست ڪن ٿا، سنڌ کي ٽوڙڻ پاڪستان کي ٽوڙڻ برابر آهي

Qaim-ALi-Shah-6616

سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو آهي ته ماڻهو پاڻي ۽ بجلي جي معاملن تي سياست ڪن ٿا، سنڌ کي ٽوڙڻ پاڪستان کي ٽوڙڻ برابر آهي.

ڪراچي جي يونس آباد واري علائقي ۾ پل جو پيڙهه پٿر رکڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته هو پاڻي جي کوٽ ختم ڪرڻ لاءِ اپاءَ وٺي رهيا آهن ۽ ڪجهه ماڻهو مدي خارج سياست ڪري رهيا آهن.

وڏي وزير چيو ته ڪراچي ۾ پاڻي جي کوٽ ختم ڪرڻ لاءِ شهر جي مختلف علائقن ۾ 1200ٽئنڪرز موجود هوندا.

هن چيو ته سنڌ سرڪار ڪراچي جي ترقي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي.

هڪ سوال جي جواب ۾ وڏي وزير چيو ته سنڌ کي ٽوڙڻ جي ڳالهه ڪرڻ پاڪستان کي ٽوڙڻ جي ڳالهه ڪرڻ برابر آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*