اليڪشن ڪميشن، پي ٽي آءِ جي هارايل اميدوار عليم خان پاران مبينا ڪوڙا حلف ناما جمع ڪرائڻ واري معاملي تي هڪ ڀيرو ٻيهر ڪيس جو فيصلو ملتوي ڪري ڇڏيو

AleemKhan-6616

اليڪشن ڪميشن، پي ٽي آءِ جي هارايل اميدوار عليم خان پاران مبينا ڪوڙا حلف ناما جمع ڪرائڻ واري معاملي تي هڪ ڀيرو ٻيهر ڪيس جو فيصلو ملتوي ڪري ڇڏيو آهي.

اليڪشن ڪميشن عليم خان جي مبينا ڪوڙا حلف ناما جمع ڪرئڻ وارو ڪيس عدالت ۾ هئڻ سبب چوٿون ڀيرو فيصلو ملتوي ڪري ڇڏيو آهي.

اليڪشن ڪميشن، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق جي درخواست تي عليم خان خلاف ڪوڙا حلف ناما جمع ڪرائڻ واري ڪيس جو فيصلو محفوظ ڪيو هو، جيڪو ٻيهر 20 جون تائين ملتوي ڪيو ويو آهي.

اياز صادق جي وڪيل چيو ته تحريڪ انصاف اسٽي آرڊر پٺيان لڪي رهي آهي، جڏهن ادارا ڪارروائي ڪندا آهن ته پي ٽي آءِ رڪاوٽ بڻجي ويندي آهي………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*