وفاقي گهرو وزير اسلام آباد ۾ “سيف سٽي پراجيڪٽ” جو افتتاح ڪري ڇڏيو

Ch-Nisar-ISB-6616

وفاقي گهرو وزير اسلام آباد ۾ “سيف سٽي پراجيڪٽ” جو افتتاح ڪري ڇڏيو، سندس چوڻ آهي ته اسلام آباد پوليس جي ڪارڪردگيءَ ۾ بهتري آئي آهي، شهر کي ڏوهن کان 100 سيڪڙو پاڪ ڪيو ويندو.

گهرو وزير اسلام آباد ۾ “سيف سٽي پراجيڪٽ” جو افتتاح ڪيو، جنهن تحت اسلام آباد جي اهم هنڌن جي سي سي ٽي وي ڪئمرائن ذريعي نگراني ڪئي ويندي.

چوڌري نثار چيو ته اسلام آباد کي ڏوهن کان فري شهر بڻائڻ لاءِ سمورا وسيلا ڪتنب آندا پيا وڃن، اميد آهي ته جلد وفاقي راڄڌاني پرامن شهر بڻجي ويندو.

ان کان اڳ اسلام آباد ۾ پوليس جي پاسنگ آئوٽ پريڊ کي خطاب ڪندي چوڌري نثار چيو ته پوليس ۾ ميرٽ ۽ شفافيت کي يقيني بڻايو پيو وڃي، هر شعبي ۾ انصاف سان ئي منزل ماڻي سگهجي ٿي.

هن چيو ته حڪومت پوليس کي غير سياسي بڻائي ڇڏيو آهي، اسلام آباد جي سڪيورٽي جي حوالي سان پوليس جي ڪردار واکاڻ جوڳو آهي.

گهرو وزير چيو ته اسلام آباد ۾ ڏوهن ۾ گهٽتائي ناهي آڻي، وفاقي راڄڌاني کي مڪمل طور پرامن بڻائڻو آهي.

چوڌري نثار علي چيو آهي ته اسلام آباد پوليس جي ڪارڪردگيءَ ۾ بهتري آئي آهي، نوان ڀرتي ٿيل اهلڪار حقيقي تبديلي آڻي سگهن ٿا………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*