سنڌ يونيورسٽي جي لاڏاڻو ڪري ويل وائيس چانسلر ڊاڪٽر عابده طاهراڻي جو ٽيجهو اڄ ملهايو پيو وڃي

Tahira-Sindh-Uni-6616

سنڌ يونيورسٽي جي لاڏاڻو ڪري ويل وائيس چانسلر ڊاڪٽر عابده طاهراڻي جو ٽيجهو اڄ ملهايو پيو وڃي، سنڌ يونيورسٽي جي استادن، آفيسرن ۽ ملازمن جي تنظيمن طرفان تعزيتي ميڙاڪو ڪوٺايو ويو.

آرٽس فيڪلٽي جي شيخ اياز آڊيٽوريم ۾ ڪوٺايل تعزيتي ميڙاڪي ۾ استادن ۽ ملازم اڳواڻن سميت آفيسرن ڊاڪٽر عابده طاهراڻي جي سنڌ يونيورسٽي لاءِ عملي خدمتن تي روشني وڌي ۽ کيس ڀيٽا پيش ڪئي.

وقتي وائيس چانسلر پروفيسر محمد صديق ڪلهوڙو، عرفانا ملاح، مرتضيٰ سيال ۽ ٻين چيو ته  ڊاڪٽر عابده طاهراڻي جو وڇوڙو سنڌ يونيورسٽي لاءِ وڏو نقصان آهي، کيس بهترين استاد، اسڪالر ۽ انتظامي سربراهه جي حيثيت ۾ سدائين ياد رکيو ويندو.

هنن وڌيڪ ته ڊاڪٽر عابده طاهراڻي وائيس چانسلر شپ واري مختصر دؤر ۾ بهترين ڪم ڪيا ۽ پنهنجي زندگيءَ جو وڏو حصو سنڌ يونيورسٽي ۾ علم جي لاٽ ٻاريندي گذاريو.

هوڏانهن سنڌ يونيورسٽي جي وي سي هائوس ۾ اڄ ٽيجهي جي تقريب به ٿيندي، وي سي هائوس ۾ سندس تڏي تي تعزيتن جو سلسلو به جاري آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*