دولتپور ۾ لنڊڪي مائنر ۽ قائم ڪور مائنر ۾ پاڻيءَ جي هٿرادو کوٽ خلاف آبادگارن احتجاجي مظاهرو ڪري قومي شاهراهه تي ڌرڻو هنيو

Dulatphur-Protest-6616

دولتپور ۾ لنڊڪي مائنر ۽ قائم ڪور مائنر ۾ پاڻيءَ جي هٿرادو کوٽ خلاف آبادگارن احتجاجي مظاهرو ڪري قومي شاهراهه تي ڌرڻو هنيو، جنهن سبب روڊ جي ٻنهي پاسن کان گاڏين جون قطارون لڳي ويون.

خادم حسين انڙ، اياز انڙ ۽ غلام مصطفى گائيچو  جي اڳواڻيءَ ۾ آبادگارن احتجاجي مظاهرو ڪري قومي شاهراهه تي ڌرڻو هنيو.

احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته لنڊڪي مائنر ۽ قائم ڪور مائنر ۾ پاڻي جي هٿرادوکوٽ سبب فصل تباهه ٿي رهيا آهن.

هنن چيو ته آبپاشي عملدار رشوت عيوض منڍ جي آبادگارن کي پاڻي وڪرو ڪري رهيا آهن، جيڪي لفٽ مشينون لڳائي پاڻي چوري وهائي رهيا آهن.

ايس پي شهيد بينظير آباد تنوير تنيو آباد گارن سان ڳالهيون ڪري پاڻيءَ جي فراهمي جي خاطري ڪرائي احتجاج ختم ڪرائي ڇڏيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*