آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجا پوليس اهلڪارن جي قتل ۾ ملوث قاتل گرفتار نه ٿيڻ تي ناڪامي جو اعتراف ڪندي چيو آهي ته ڪراچي ۾ پارڪنگ مافيا خلاف ڪارروائي جو فيصلو ڪيو ويو آهي

IG-Khuwaja-6616

آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجا پوليس اهلڪارن جي قتل ۾ ملوث قاتل گرفتار نه ٿيڻ تي ناڪامي جو اعتراف ڪندي چيو آهي ته ڪراچي ۾ پارڪنگ مافيا خلاف ڪارروائي جو فيصلو ڪيو ويو آهي، سڀاڻي کان باضابطه طور ڪارروائي شروع ڪئي ويندي.

 ڪراچي ۾ ٽريفڪ ٽڪٽنگ سسٽم جو افتتاح ڪرڻ کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي آءِ جي سنڌ چيو ته ٽريفڪ پوليس کي سي سي پي او ڪراچي جي ماتحت ڪيو ويو آهي.

هن چيو ته چالان وارو ڏنڊ انتهائي گهٽ آهي ۽ قانونسازي ذريعي ڏنڊ جي رقم وڌائڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن.

آءِ جي سنڌ چيو ته رمضان دوران ٽريفڪ جي بهتر انتظامن لاءِ قدم کنيا ويا آهن، منجهند 2 وڳي کان رات 8 وڳي تائين لياري ايڪسپريس وي استعمال ڪري سگهبو.

آءِ جي سنڌ چيو ته ٽريفڪ اهلڪارن جي قتل ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار نه ڪرڻ پوليس جي ناڪامي آهي، جنهن جو هو اعتراف ڪري ٿو.

 هن چيو ته هن چيو ته اي آءِ جي ٽريفڪ خادم حسين ڀٽي خلاف هلندڙ جاچ بابت کيس ڪا به ڄاڻ ناهي.

هن چيو ته جلد ٽريفڪ چالان ذميوار شخص جي گهر موڪليا ويندا، جيڪي بئنڪ ۾ پيئاري سگهبا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*