ڄامشوري ۾ لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي ۾ ملازمن جي تنظيم طرفان بنيادي مسئلن جي حل لاءِ احتجاجي ريلي ڪڍي اي سي ٽو اڳيان ڌرڻو هنيو ويو

Jamshoro-Uni-Protest-6616

ڄامشوري ۾ لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي ۾ ملازمن جي تنظيم طرفان بنيادي مسئلن جي حل لاءِ احتجاجي ريلي ڪڍي اي سي ٽو اڳيان ڌرڻو هنيو ويو.

لسوا جي سڪندر علي جوڻيجو، مينهون خان سولنگي ۽ بابر رئوف قريشي جي اڳواڻيءَ ۾ ملازمن احتجاجي ريلي ڪڍي، جيڪا اي سي ٽو جي گيٽ اڳيان پهچڻ تي ڌرڻو هنيو ويو.

احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته سنڌ يونيورسٽي ۽ شهيد بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي  جي ملازمن کي ليو انڪيشمينٽ ڏني وئي آهي پر لمس ملازمن کي بنيادي حقن کان محروم رکيو پيو وڃي.

هنن چتاءُ ڏنو ته ملازمن لاءِ لمس هائوسنگ سوسائٽي تحت پلاٽ، سندن اولاد جي بهتر تعليم لاءِ لمس پبلڪ هاءِ اسڪول، انگلش اسڪول، هيلٿ انشورنس ۽ ٻيا مطالبا منظور ڪيا وڃن، ٻي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ جاري رکي ويندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*