اليڪشن ڪميشن، پرڏيهي فنڊنگ واري درخواست تي تحريڪ انصاف جي وڪيل کي 10 جون تي طلب ڪري ورتو

Election Commisioon

اليڪشن ڪميشن، پرڏيهي فنڊنگ واري درخواست تي تحريڪ انصاف جي وڪيل کي 10 جون تي طلب ڪري ورتو آهي، درخواستگذار چيو آهي ته سمورا ثبوت موجود آهن، اليڪشن ڪميشن پي ٽي آءِ خلاف پروڊڪشن آرڊر جاري ڪري.

چيف اليڪشن ڪمشنر جسٽس رٽائرڊ سردار رضا جي سربراهي ۾ اليڪشن ڪميشن جي 4 رڪني بينچ تحريڪ انصاف جي پرڏيهي فنڊن خلاف اڪبر ايس بابر پاران داخل درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

 ٻڌڻيءَ دوران تحريڪ انصاف پاران اليڪشن ڪميشن ۾ ڪو به وڪيل پيش نه ٿيو.

درخواستگذار اڪبر ايس بابر دليل ڏيندي چيو ته پي ٽي آءِ خلاف سمورا ثبوت موجود آهن، اليڪشن ڪميشن پروڊڪشن آرڊر جاري ڪري.

اڪبر ايس بابر چيو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ڪيس تي ڪو به اسٽي جاري ناهي ڪيو، جيڪڏهن ڪو اسٽي جاري ٿيل آهي ته ان جي ڪاپي اليڪشن ڪميشن ۾ پيش ڪئي وڃي.

اليڪشن ڪميشن، پي ٽي آءِ جي وڪيل جي پيش نه ٿيڻ تي ڪيس جي ٻڌڻي 10 جون تائين ملتوي ڪري ڇڏي…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*