ڪوئيٽا جي احتساب عدالت، ڪرپشن الزامن هيٺ بلوچستان پبلڪ سروس ڪميش جي اڳوڻي چيئرمين اشرف مگسي ۽ ٻـِن ڊپٽي ڊائريڪٽرز تي فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو

ashraf-magsi-7616

ڪوئيٽا جي احتساب عدالت، ڪرپشن الزامن هيٺ بلوچستان پبلڪ سروس ڪميش جي اڳوڻي چيئرمين اشرف مگسي  ۽ ٻـِن ڊپٽي ڊائريڪٽرز تي فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو آهي، جوابدارن پاران ڏوهه قبولڻ کان انڪار تي عدالت ڪيس جي شاهدن کي 21 جون تي طلب ڪري ورتو آهي.

ڪرپشن ۽ جعلي ڀرتين جي الزام هيٺ گرفتار بلوچستان سروس ڪميشن جي اڳوڻي چيئرمين اشرف مگسي ۽ ٻن ڊپٽي ڊائريڪٽرز وحيد الرحمان ۽ نياز ڪاڪڙ کي ڪوئيٽا جي احتساب عدالت ۾ پيش ڪيو ويو.

نيب جي وڪيل عدالت کي آگاهه ڪيو ته اشرف مگسي تي فنڊز ۾ گهوٻين، جعلي ڀرتين ۽ اختيارن جي ناجائز استعمال جو الزام آهي.

 عدالت، اشرف مگسي ۽ بلوچستان پبلڪ سروس ڪميشن جي ٻن ڊپٽي ڊائريڪٽرز نياز ڪاڪڙ ۽ وحيد الرحمان تي فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو، جڏهن ته جوابدارن ڏوهه قبولڻ کان انڪار ڪيو.

عدالت، ڪيس جي شاهدن کي 21 جون تي طلب ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*