عوام جا محافظ پوليس اهلڪار بااثر وڏيرن جا ونگاري بڻجي ويا، ٺري ميرواهه پوليس گذريل ڏينهن عدالت ٻاهران کنڀيل نوجوانن اسلم، خالق ڏنو ۽ مختيار گوپانگ کي ڪوڙي مقابلي ۾ گوليون هڻي معذور بڻائي ڇڏيو

Kairpur-Police-7616

عوام جا محافظ پوليس اهلڪار بااثر وڏيرن جا ونگاري بڻجي ويا، ٺري ميرواهه پوليس گذريل ڏينهن عدالت ٻاهران کنڀيل نوجوانن اسلم، خالق ڏنو ۽ مختيار گوپانگ کي ڪوڙي مقابلي ۾ گوليون هڻي معذور بڻائي ڇڏيو، مختيار گوپانگ جو پيءُ پٽ سان ظلم جي صدمي ۾ فوت ٿي ويو، جنهن بعد وارثن لاش رکي ڌرڻو هنيو، پر ايس ايس پي خيرپور اظفر مهيسر ڄاڻ هئڻ باوجود تماشو ڏسندو رهيو.

ٺري ميرواهه پوليس گذريل ڏينهن خيرپور جي سيشن ڪورٽ ٻاهران کنڀيل ٽن نوجوانن اسلم، خالق ڏني ۽ مختيار گوپانگ کي ڪوڙو مقابلو ڄاڻائي ڄنگهن ۾ گوليون هڻي معذور بڻائي ڇڏيو.

ايس ايڇ او ٺري ميرواهه غلام قادر جتوئي جو چوڻ آهي ته ٽئي ڄڻا ڦرن ۽ ٻين ڪيسن ۾ گهربل هئا، جن کي مقابلي ۾ زخمي ڪرڻ بعد خيرپور جي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

پوليس پاران هاف فرائي ڪيل مختيار گوپانگ جو پيءُ سائين بخش صدمي ۾ فوت ٿي ويو، جنهن بعد وارثن فوتي پيرسن جو لاش  ٺري ميرواهه روڊ تي رکي ڌرڻو هنيو.

وارثن ٺري ميرواهه پوليس تي الزام هنيو ته هن زميندارن الطاف رند ۽ معشوق رند جي ونگار وهندي ظلم ڪيو آهي، جن سان زمين جو تڪرار هلندڙ آهي.

هنن چيو ته ٽئي نوجوان زمين تان هلندڙ تڪرار وارن ڪيسن ۾ گذريل ڏينهن خيرپور جي سيشن ڪورٽ پيشي لاءِ ويا ته عدالت ٻاهران پوليس کين کنڀي گم ڪرڻ بعد رات دير سان ڪوڙو مقابلو ڄاڻائي زخمي ڪيو آهي.

هاف فراءِ ڪيل نوجوان اسلم جي والد عبدالحليم گوپانگ ٻڌايو ته اڳوڻي ايس ايس پي خيرپور پير محمد شاهه زميندارن طرفان داخل ڪرايل ڪوڙا ڪيس ختم ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو ۽ ايس ايس پي خيرپور اظفر مهيسر ڄاڻ هئڻ باوجود خاموش رهيو.

زخمي ڪيل نوجوانن جي وارثن اعليٰ اختيارين کي اپيل ڪئي ته ڪوڙي مقابلي ۾ هاف فراءِ ڪيل ٽنهي نوجوانن کي فوري طور آزاد ڪرائي ملوث اهلڪارن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي…………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*