سنڌ ۾ شديد گرمي جي لهر برقرار

Karachi-Heat

سنڌ ۾ شديد گرمي جي لهر برقرار آهي، جنهن سبب مختلف ضلعن مان ماڻهن تفريح لاءِ گورک هل اسٽيشن جو رخ ڪيو آهي.

سنڌ ۾ شديد گرمي دوران خوبصورت تفريحي ماڳ گورک هل اسٽيشن تي ٿڌي موسم هئڻ ڪري ماڻهن جي آمد جاري آهي.

ڪراچي، حيدرآباد، لاڙڪاڻو، ٽنڊو ڄام ،دادو ۽ ٻين شهرن مان آيل ماڻهن جو چوڻ آهي ته گورک هل اسٽيشن تي موسم خوشگوار هئڻ ڪري هو ڀرپور تفريح ماڻي رهيا آهن.

هنن چيو ته گورک هل اسٽيشن تي فطري حسن مان هو تمام گهڻو متاثر آهن ۽ رات جي وقت ٿڌيون ٿڌيون هوائون لڳڻ ڪري هو ڀرپور تفريح  ماڻي رهيا آهن…………………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*