ڪراچي جي وفاقي اينٽي ڪرپشن ڪورٽ ٽڊاپ اسڪينڊل جي 19 ڪيسز ۾جوابدار طارق اقبال پوري جا هڪ ڀيرو ٻيهر ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري
ڪراچي جي وفاقي اينٽي ڪرپشن ڪورٽ ٽڊاپ اسڪينڊل جي 19 ڪيسز ۾جوابدار طارق اقبال پوري جا هڪ ڀيرو ٻيهر ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا آهن، جوابدارن تي سبسدي جي مد ۾ ڪروڙين رپين جي ڪرپشن جوالزام آهي.
ڪراچي جي وفاقي اينٽي ڪرپشن ڪورٽ ۾ ٽڊاپ ڪرپشن جي 19 ڪيسن جي ٻڌڻي ٿي.
ڪيس ۾ طارق اقبال پوري، ڪريم دائود پوٽو ۽ ٻيا جوابدار نامزد ٿيل آهن، جن مان عدالت اڄ طارق اقبال پوري جا هڪ ڀيرو ٻيهر ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا .
جوابدارن تي سبسڊي جي مد ۾ ڪروڙين رپين جي ڪرپشن جو الزام آهي، عدالت وڪيلن جا دليل ٻڌڻ بعد ٻڌڻي 18 جولاءِ تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي.