ٺل مان اغوا ڪيل فضيلا سرڪي جي بازيابي لاءِ وارث ۽ سياسي سماجي تنظيمن جا ماڻهو سراپا احتجاج بڻيل آهن

Faiza-sarki-7616

ٺل مان اغوا ڪيل فضيلا سرڪي جي بازيابي لاءِ  وارث ۽ سياسي سماجي تنظيمن جا ماڻهو سراپا احتجاج بڻيل آهن، مظاهرين جو چوڻ آهي ته احتجاج ڪندي کين 5 مهينا گذري ويا آهن، پر اعليٰ اختياريون اگهور ننڍ ستل آهن.

فضيلا سرڪي جي بازيابي لاءِ وارثن ۽ سياسي سماجي تنظيمن جي ماڻهن سڪينا سرڪي، پيءُ عبدالرزاق سرڪي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪري علامتي بک هڙتال ڪئي.

مظاهرين چيو ته معصوم نياڻي جي بازيابي لاءِ احتجاج ڪندي کين 5 مهينا گذري ويا آهن، پر اعليٰ اختياريون توڙي چونڊيل نمائندا اگهور ننڍ ستل آهن.

هنن چيو ته فضيلا سرڪي جي اغوا کي 9 سال گذريل ويا آهن، پر اڃا تائين نياڻي وارث انصاف لاءِ در بدر آهن.

احتجاج ڪندڙن مطالبو ڪيو ته فضيلا سرڪي کي فوري طور بازياب ڪرائي وارثن جي بيچيني ختم ڪئي وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رکيو ويندو………………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*