سـُپريم ڪورٽ، وفاقي وزير خواجه آصف جي تڪ اين اي 110 تي مبينا ڌانڌلي ڪيس ۾ اليڪشن ڪميشن جي سيڪريٽري ۽ نادرا جي ذميوار آفيسر کي سڀاڻي طلب ڪري ورتو

SupremeCourt-7-7-15

سـُپريم ڪورٽ، وفاقي وزير خواجه آصف جي تڪ اين اي 110 تي مبينا ڌانڌلي ڪيس ۾ اليڪشن ڪميشن جي سيڪريٽري ۽ نادرا جي ذميوار آفيسر کي سڀاڻي طلب ڪري ورتو آهي، پي ٽي آءِ جي وڪيل بابر اعواڻ نادرا جي رپورٽ تي اعتراض واريندي چيو آهي ته اهڙن ووٽن کي درست قرار ڏنو ويو آهي، جن تي سڃاڻپ ڪارڊ جو پورو نمبر ئي لکيل نه هو.

چيف جسٽس، جسٽس انور ظهير جمالي جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي ٽـَي رڪني بينچ، وفاقي وزير خواجه آصف جي تڪ اين اي 110 گوجرانوالا تي مبينا ڌانڌلي بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻيءَ دوران تڪ تان پي ٽي آءِ جي هارايل اميدوار عثمان ڊار جي وڪيل بابر اعواڻ نادرا جي پيش ڪيل رپورٽ تي اعتراض واريا.

بابر اعواڻ چيو ته خواجه آصف 20 هزار ووٽن جي فرق سان عثمان ڊار کي هارايو هو پر تڪ تان 30 هزار ووٽ غائب آهن.

3 رڪني بينچ ۾ شامل جسٽس عمر عطا بنديال سوال ڪيو ته تڪ تان ووٽ غائب ڪرڻ جو ذميوار ڪير آهي.؟

بابر اعواڻ دليل ڏنا ته اميدوارن جي ملي ڀڳت سان ووٽ غائب ڪيا ويا آهن، نادرا اهڙا ووٽ به درست قرار ڏنا، جنهن تي سڃاڻپ ڪارڊ جو نمبر به اڻپورو هو.

چيف جسٽس انور ظهير جمالي ريمارڪس ڏنا ته رڪارڊ سنڀالي رکڻ اليڪشن ڪميشن جي ذميواري هئي پر 29 پولنگ اسٽيشن جو رڪارڊ ڇو غائب آهي.؟

عدالت، بابر اعواڻ جي اعتراضن بعد اليڪشن ڪميشن جي سيڪريٽري ۽ نادرا جي ذميوار آفيسر کي سڀاڻي طلب ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي…………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*