ٺل مان 3 سال اڳ اغوا ڪيل نوجوان جي بازيابي لاءِ وارثن احتجاج ڪيو ۽ پوليس پاران مبينا طور کنڀي گم ڪيل نوجوان جي آزادي لاءِ به سندس وارثن احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو

Thul-Wasi-Protest-7616

ٺل مان 3 سال اڳ اغوا ڪيل نوجوان جي بازيابي لاءِ وارثن احتجاج ڪيو ۽ پوليس پاران مبينا طور کنڀي گم ڪيل نوجوان جي آزادي لاءِ  به سندس وارثن احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو.

ڳوٺ محمد اسماعيل کوسو مان 3 سال اڳ اغوا ڪيل حافظ الطاف کوسو جي بازيابي لاءِ وارثن حبيب الله کوسو ۽ ٻين پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو.

احتجاج ڪندڙن چيو ته بااثر ماڻهن سندن نوجوان کي اغوا ڪري گم ڪري ڇڏيو آهي، پر پوليس نوجوان جي بازيابي لاءِ ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو آهي.

هنن مطالبو ڪيو ته نوجوان کي فوري طور بازياب ڪرايو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

ڳوٺ حمل خان سهندڙو مان پوليس پاران  نوجوان ڌڻي بخش سهندڙو کي کنڀي گم ڪرڻ خلاف وارثن زاهد سهندڙو، مختيار ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو.

مظاهرين چيو ته پوليس نوجوان ڌڻي بخش سهندرو کڻي بنا جواز کنڀي گم ڪري ڇڏيو آهي ۽ شڪ آهي ته کيس ڪوڙو مقابلو ڄاڻائي زخمي ڪيو ويندو.

هنن مطالبو ڪيو ته پوليس جي نا انصافين جو نوٽيس وٺي گم ڪيل نوجوان کي فوري طورآزاد ڪرايو وڃي………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*