رينجرز ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ ڪارروائي ڪري ٻن ٽارگيٽ ڪلرز سميت 5 ڏوهارين کي گرفتار ڪري هٿيار هٿ ڪري ورتا

rangers-

رينجرز ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ ڪارروائي ڪري ٻن ٽارگيٽ ڪلرز سميت 5 ڏوهارين کي گرفتار ڪري هٿيار هٿ ڪري ورتا آهن.

رينجرز ترجمان موجب نارٿ ناظم آباد، ڪورنگي، بلديا ۽ منگهو پير واري علائقي ۾ ڪارروائي دوران ٻن ٽارگيٽ ڪلرز سميت 5 ڏوهارين کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

رينجرز ترجمان موجب گرفتار ٽارگيٽ ڪلرز جو واسطو سياسي پارٽي ۽ ٻين ٽن ڏوهارين جو واسطو پابندي مڙهيل تنظيم سان آهي.

رينجرز ترجمان موجب گرفتار ڏوهارين وٽان مختلف قسم جا هٿيار هٿ ڪيا ويا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*