مڙس جي غير موجودگي ۾ سندس عزت محفوظ ناهي، تحفظ ڏنو وڃي:نوابشاهه واسڻ

nawabshah-woman

نوابشاهه ۾ نوجوان ناري ڏيرن جي مبينا زيادتين خلاف احتجاج ڪندي چيو آهي ته مڙس جي غير موجودگي ۾ سندس عزت محفوظ ناهي، تحفظ ڏنو وڃي.

ڳوٺ وسايو جمالي واسڻ فاطمه جمالي پنهنجي ماءُ مسمات نورجهان سان گڏ دانهيندي چيو ته 3 مهينا اڳ سندس پيءُ جبار جمالي زبردستي شادي ڪرائي ۽ پرڻي بعد ٽئي مهينا هن ساهرن جو ظلم برداشت ڪيو آهي.

هن چيو ته مڙس ڊيوٽي سبب گهر کان ٻاهر رهي ٿو، سندس غير موجودگي ۾ ڏير مٿس ميري نظر رکن ٿا ۽ سس تشدد ڪندي رهي ٿي.

فاطمه جمالي اعليٰ اختيارين کي تحفظ فراهم ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*