لاڙڪاڻي ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر بينظير انڪم سپورٽ پروگرام سينٽر تي ڇاپو هڻي مستحق عورتن کان پيسا وٺڻ جي الزام هيٺ ٽن ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو

larkana-BISP-chapa

لاڙڪاڻي ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر بينظير انڪم سپورٽ پروگرام سينٽر تي ڇاپو هڻي مستحق عورتن کان پيسا وٺڻ جي الزام هيٺ ٽن ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو،  ۽  رمضان مهيني دوران هوٽل کوليندڙ ٽن دڪاندارن تي ڏنڊ وجهي ٽن هوٽلن کي سيل ڪري ڇڏيو آهي.

اسسٽنٽ ڪمشنر مسعود مسعود ڀٽو بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي آفيس تي ڇاپو هڻي مستحق عورتن کان پيسا وٺندڙ ٽن ايجنٽن کي گرفتار ڪري ورتو.

اسسٽنٽ ڪمشنر جو چوڻ آهي ته ايجنٽ غريب عورتن کان رقم ڏيڻ جي عيوض ڪميشن وٺي رهيا هئا، گرفتار جوابدارن تي ڪيس داخل ڪيو ويو.

اسسٽنٽ ڪمشنر شهر جي مختلف علائقن ۾ ڇاپا هڻي رمضان المبارڪ دوران هوٽلون کليل هئڻ تي ٽن واپارين تي ڏنڊ وجهي ٽن هوٽلن کي سيل ڪري ڇڏيو………………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*