ڪوٽ غلام محمد ۾ مبينا طور موئل جانورن جو گوشت وڪرو ڪندڙ ٻن قاسائن کي پوليس گرفتار ڪري ورتو

kot-ghulam-mohd-died-meat

ڪوٽ غلام محمد ۾ مبينا طور موئل جانورن جو گوشت وڪرو ڪندڙ ٻن قاسائن کي پوليس گرفتار ڪري ورتو آهي، پوليس جو چوڻ آهي ته قاسائي مري ويل رڍ ذبح ڪري رهيا هئا ته کين گرفتتار ڪيو ويو

پوليس جو چوڻ آهي ته شهر جي مين بازار ۾ هڪ هنڌ ڇاپو هڻي ڪارروائي ڪندي قاسائي يوسف ۽ فرهان کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

پوليس جو وڌيڪ چوڻ هو ته ڪارروائي دوران ٻئي قاسائي هڪ موئل رڍ ذبح ڪري رهيا هئا.

 پوليس جو وڌيڪ چوڻ ته جوابدار موئل جانورن جو گوشت وڪرو ڪندا هئا، ٻنهي جوابدارن تي ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ ڪئي ويندي…………………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*