افغانستان ۾ بس ۽ ڪار مان 50 شهرين کي طالبان ويڙهاڪ اغوا ڪري ويا،آپريش جاري

afghanistan-force

افغانستان ۾ طالبان ويڙهاڪن پاران بس ۽ ڪار مان 50 شهرين کي اغوا ڪيو ويو آهي، جن جي بازيابي لاءِ فورسز قندوز صوبي ۾ سرچ آپريشن شروع ڪري ڇڏيو آهي. گادي واري شهر ڪابل کان تخار صوبي ويندي مسافر بس ۽ ڪار مان طالبان قندوز روڊ تان 50 ڄڻن کي اغوا ڪري ورتو هو. قندوز جي گورنر اسدللاه عمر خلليل جو چوڻ هو ته شهرين جي بازيابي لاءِ افغان فورسز علائقي ۾ سرچ آپريشن شروع ڪيو ويو آهي، هن چيو ته دهشتگرد موٽر بائيڪس ذريعي يرغمالين کي ٻين هنڌن ڏانهن منتقل ڪيو آهي پر مغوين جي بازيابي لاءِ آپريشن جاري رکيو ويندو. اڱاري تي غزني صوبي ۾ دهشتگردن ٻن ڪارن کي روڪي انهن ۾ سوار 12 سيڪورٽي فورس جي اهلڪارن کي قتل ڪري ڇڏيو هو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*