قاهره کان بيجنگ ويندڙ مصري هوائي جهاز ۾ بم جي ڪوڙي اطلاع تي جهاز کي ازبڪستان ۾ هنگامي لينڊنگ ڪرائي وئي

uzbekistan-airline

قاهره کان بيجنگ ويندڙ مصري هوائي جهاز ۾ بم جي ڪوڙي اطلاع تي جهاز کي ازبڪستان ۾ هنگامي لينڊنگ ڪرائي وئي، جنهن دوران جهاز ۾ سوار 118  مسافر توڙي عملي جا 17 ڄڻا محفوظ رهيا. ازبڪستان ايئرويز پاران جاري ڪيل بيان موجب اجيٽ ايئر جي مسافر جهاز  هنگامي طور لينڊنگ ڪئي، جنهن دوران سمورا مسافر ۽ عملو محفوظ رهيو، ان حوالي سان مصري هواباز ڪمپني پاران ڪوبه بيان سامهون نه آيو آهي. رپورٽ موجب جهاز ازبڪستان جي اولهندي علائقي اُرگينچ ۾ ان وقت لينڊنگ ڪئي، جڏهن اجيٽ ايئر کي هڪ ڪال وصول ٿي ته جهاز ۾ بم آهي، جنهن بعد جهاز جي تلاشي ورتي وئي پر ڪوبه بم نه مليو. ان دوران مسافر تمام گهڻو ڊنل هئا. پر بعد ۾ جهاز کي منزل ڏانهن اماڻيو ويو.  گذريل مهيني اجيپٽ ايئر جوجهاز پيرس کان قاهره ويندي رومي سمنڊ ۾ ڪريش ٿي ويو هو، جنهن جي نتيجي ۾ 66 ڄڻا اجل جو شڪار ٿي ويا هئا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*