اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي رجسٽرار اڳوڻي وفاقي وزير حامد سعيد ڪاظمي پاران سزا خلاف داخل ڪرايل درخواست تي اعتراض لڳائي واپس ڪري ڇڏي

islamabad-highi-court

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي رجسٽرار اڳوڻي وفاقي وزير حامد سعيد ڪاظمي پاران سزا خلاف داخل ڪرايل درخواست تي اعتراض لڳائي واپس ڪري ڇڏي آهي ۽ چيو آهي ته درخواست سان گڏ گهربل دستاويز فراهم ناهن ڪيا ويا.

مذهبي معاملن واري اڳوڻي وفاقي وزير حامد سعيد ڪاظمي حج ڪرپشن ڪيس ۾ ٻڌايل 16 سال قيد واري سزا کي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ چيلينج  ڪيو  هو.

سينيئر وڪيل لطيف کوسا معرفت داخل ڪرايل درخواست ۾ حامد سعيد ڪاظمي موقف اختيار ڪيو ته رائو شڪيل جي ڊي جي حج طور مقرري سندس اختيار نه هو  ۽ نه هن حاجين لاءِ عمارتون مسواڙ تي ورتيون هيون.

درخواستگذار موجب ٽرائل ڪورٽ کيس 16 سال سزا ٻڌائي آهي پر فيصلي ۾ قانوني گهرجون پوريون ناهن ڪيون، عدالت کي استدعا آهي ته ٽرائل ڪورٽ جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي کيس آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو وڃي.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي رجسٽرار اهڙي درخواست تي اعتراض واريندي واپس ڪري ڇڏي آهي.

رجسٽرار جو چوڻ آهي ته حامد سعيد ڪاظمي پاران درخواست سان گڏ ٻيا گهربل دستاويز جمع ناهن ڪرايا ويا.

واضح رهي ته اسلام آباد جي اسپيشل سينٽرل جج جي عدالت حج ڪرپشن ڪيس ۾ حامد سعيد ڪاظمي کي 16 سال قيد جي سزا ٻڌائي هئي………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*