ٺري مير واهه پوليس مقابلو وارو مامعلو،اي آءِ جي سي ٽي ڊي ثناءُ الله عباسي خيرپور ڊسٽرڪٽ جيل ۾ متاثر نوجوانن جا بيان قلمبند ڪرڻ بعد ٺري ميرواهه پهتل

AIG-sanaullah-abbasi

ٺري مير واهه پوليس پاران ڪوڙي مقابلي ۾ زخمي ڪيل نوجوانن واري معاملي جي جاچ لاءِ پهتل اي آءِ جي سي ٽي ڊي ثناءُ الله عباسي خيرپور ڊسٽرڪٽ جيل ۾ متاثر نوجوانن جا بيان قلمبند ڪرڻ بعد ٺري ميرواهه پهتل آهي. ثناءُ الله عباسي جو چوڻ آهي ته پوليس کي هاءِ فراءِ ۽ فل فراءِ جهڙا ڪم نه ٿا سونهن.

ٺري مير واهه پوليس پاران ڪوڙي مقابلي ۾ زخمي ڪيل اسلم گوپانگ، خالق ڏني ۽ مختيار کي علاج بدران پوليس تحويل ۾ رکيو ويو، اطلاع آهن ته معاملي جي جاچ لاءِ اي آءِ جي ثناءُ الله عباسي جي خيرپور پهچڻ بعد ٽنهي کي جيل پهچايو ويو.

اي آءِ جي ثناءُ الله عباسي پوليس عملدارن توڙي زخمي ڪيل نوجوانن سان ملاقات ڪري سندن بيان رڪارڊ ڪيا،جنهن بعد وارثن جا بيان ٻڌڻ لاءِ ٺري ميرواهه پهتل آهي.

 ڪي ٽي اين نيوز سان ڳالهائيندي اي آءِ جي سي ٽي ڊي ثناءُ الله عباسي ٻڌايو ته ڪيس جي مختلف پاسن کان جاچ ڪئي پئي وڃي.

ثناءُ الله عباسي چيو ته هاف فراءِ ۽ فل فراءِ جهڙا ڪم غلط آهن، جيڪي پوليس کي نه ٿا سونهن، ڪو ڏوهاري آهن ته ان کي قانون موجب سزا ملڻ گهرجي.

هڪ سوال جي جواب ۾ اي آءِ جي چيو ته زخمي نوجوانن جي رند برادري جي ماڻهن سان زميني تڪرار واري معاملي جي به جاچ ڪئي ويندي، ڪنهن سان به ناانصافي نه ڪئي ويندي…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*