عظيم باڪسر محمد علي جون آخري رسمون ادا ڪرڻ لاءِ سموريون تياريون مڪمل ڪيون ويون

Muhammad-Ali-Boxer-4616

عظيم باڪسر محمد علي جون آخري رسمون ادا ڪرڻ لاءِ سموريون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن،آخري رسمن ۾ دنياجي جي مختلف ملڪن سان تعلق رکندڙ سربراهن سان گڏ رانديگرن جو وڏو انگ شرڪت ڪندو.

محمد علي جي جنازي نماز جمعي ڏينهن سندس آباڻي شهر لوئس ول ۾ ادا ڪئي ويندي، جنهن لاءِ 30 هزار پاسون جاري ڪيون ويون آهن.

محمد علي جي آخري رسمن ۾ اڳوڻو آمريڪي صدر بل ڪلنٽن، ترڪي جو صدر طيب اردگان ۽اردن جو بادشاهه شاهه عبدالله شرڪت ڪندو.

اڳوڻي هيوي ويٽ باڪسنگ چيمپيئن محمد علي جي آخري رسمن کان اڳ ئي سندس مداحن جو وڏو انگ محمد علي جي گهر آڏو گلدسته رکي کيس ڀيٽا پيش ڪري رهيا آهن.

واضح رهي ته محمد علي جي جنازي کي ڪنڌو ڏيندڙن ۾ اداڪار ول سمٿ، محمد علي جو سئوٽ جان گريڊي، محمد علي جو ڀائٽو ابن علي، سندس ڀيڻويو ڪوماوي علي ۽محمد علي جو اڳوڻو حريف باڪسر جمي ايلس شامل هوندا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*