ڪي اي ايس سي جي اڳوڻي ايم ڊي شاهد حامد جي قتل ڪيس ۾ گرفتار جوابدار منهاج قاضي خلاف ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ حتمي چالان پيش

atc11-9

ڪي اي ايس سي جي اڳوڻي ايم ڊي شاهد حامد جي قتل ڪيس ۾ گرفتار جوابدار منهاج قاضي خلاف ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ حتمي چالان پيش ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته منهاج قاضي الطاف حسين جي چوڻ تي شاهد حامد کي قتل ڪيو هو.

منهاج قاضي خلاف پوليس پاران پيش ڪيل چالان ۾ الطاف حسين، نديم نصرت، سهيل زيدي ۽ اطهر عرف محبوب جا نالا شامل آهن.

چالان ۾ اهو به ڄاڻايو ويو آهي ته  جوابدار  سهيل زيدي شاهد حامد جي ريڪي ڪئي، منهاج قاضي، راشد ۽ صولت مرزا الطاف حسين جي چوڻ تي شاهد حامد کي قتل ڪيو هو.

شاهد حامد کي 1997 ۾ ڪراچي جي ڊفينس واري علائقي ۾ قتل ڪيو ويو هو، جنهن جي قتل ڪيس ۾ صولت مرزا کي ڦاهي ڏني وئي هئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*