بدين ضلعي ڪائونسل لاءِ مڪاني چونڊن ۾ مخصوص سيٽن جي ورڇ بعد پيپلز پارٽي ميمبرن جو انگ 53 ٿي ويو،ايوان ۾ واضح اڪثريت

badin20-11

بدين ضلعي ڪائونسل لاءِ مڪاني چونڊن ۾ مخصوص سيٽن جي ورڇ بعد پيپلز پارٽي ميمبرن جو انگ 53 ٿي ويو ۽ ايوان ۾ واضح اڪثريت حاصل ٿي وئي آهي، پ پ مخالف اتحاد ميمبرن جو انگ 46 ٿي ويو آهي.

مخصوص سيٽن جي نتيجن موجب پيپلز پارٽي کي عورتن جون 12، اقليتن جون 2، پورهيتن جون 2 ۽ نوجوانن جون 2، سيٽون مليون آهن.

مخصوص سيٽن تي 18 ميمبرن جي ڪاميابي بعد ضلعي ۾ پ پ ميمبرن جو مجموعي انگ 54 ٿي ويو آهي.

پاڪستان پيپلز پارٽي ورڪر کي مخصوص سيٽن ۾ عورتن جون 8، اقليتن جي هڪ، پورهيت جي هڪ، ۽ نوجوانن جي هڪ سيٽ ملي آهي، جڏهن ته نواز ليگ ۽ فنڪشنل ليگ کي عورتن جي هڪ سيٽ ملي آهي.

مخصوص سيٽن جي ورڇ بعد پيپلز پارٽي ورڪرز جي ميمبرن جو انگ 38، نوازليگ ميمبرن جو انگ 4، فنڪشنل ليگ ميمبرن جو انگ 4 ٿي ويو آهي، اهڙي ريت پ پ جي مخالف اتحاد جي سيٽن جو انگ 46 ٿي ويو آهي.

 ضلعي چئيرمن شپ لاءِ پ پ پاران اصغر هاليپوٽو ۽ پ پ مخالف اتحاد پاران حسام مرزا جا نالا سامهون اچي رهيا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*