ٺري ميرواهه پوليس پاران ڪوڙو مقابلو ڄاڻائي زخمي ڪيل نوجوانن جي وارثن جا بيان قلمبند نه ٿي سگهيا

thari-mir-wah

ٺري ميرواهه پوليس پاران ڪوڙو مقابلو ڄاڻائي زخمي ڪيل نوجوانن جي وارثن جا بيان قلمبند نه ٿي سگهيا آهن ۽ پوليس زخمين کي مڪمل علاج لاءِ اسپتال به منتقل نه ڪيو آهي.

ٺري ميرواهه ٿاڻي جي پوليس پاران 3 ڏينهن اڳ ڪوڙو مقابلو ڄاڻائي ڄنگهن ۾ گوليون هڻي زخمي ڪيل نوجوان اسلم، خالق ڏنو ۽ مختيار گوپانگ کي اسپتال داخل ڪرڻ بدران سينٽرل جيل ۾ رکيو ويو آهي.

زخمين جي وارثن جو چوڻ آهي ته جاچ آفيسر پاران بيان وٺڻ لاءِ کين خيرپور گهرايو ويو، پر ان باوجود سندن بيان قلمبند نه ڪيا ويا آهن.

هنن چيو ته ايس ايس پي خيرپور ڄاڻي واڻي کين خيرپور گهرايو ۽ جاچ آفيسر رڳو ٺري ميرواهه مان پوليس اهلڪارن جا بيان وٺڻ بعد واپس روانو ٿي ويو.

زخمين جي وارثن مطالبو ڪيو سندن بيان به قلمبند ڪري معاملي جي شفاف نموني جاچ ڪرائي زخمي نوجوانن سان انصاف ڪيو وڃي.

واضح رهي ته پوليس پاران ٽنهي نوجوانن کي ڪوڙي مقابلي ۾ ”هاف “ فرائي ڪرڻ واري خبر ڪي ٽي اين نيوز تي نشر ٿيڻ بعد صوبائي گهرو وزير سهيل انور سيال  ۽ آءِ جي سنڌ معاملي جو نوٽيس ورتو هو.

آءِ جي سنڌ اي آءِ جي سي ٽي ڊي ثناءُ الله عباسي کي جاچ جو حڪم ملڻ بعد ثناءُ الله عباسي خيرپور پهچي زخمي نوجوانن ۽ پوليس جا بيان قلمبند ڪيا، پر زخمين جي وارثن جا بيان قلمبند نه ٿي سگهيا………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*