نامناسب لفظ ڳالهائڻ تي خواجه آصف کي شيرين مزاري کان معافي وٺڻ گهرجي: اسحاق ڊار

ashaq-dar

ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته نامناسب لفظ ڳالهائڻ تي خواجه آصف کي شيرين مزاري کان معافي وٺڻ گهرجي، شاهه محمود قريشي اميد ظاهر ڪئي آهي ته معاملا ڳالهين ذريعي حل ٿي ويندا.

اسلام آباد ۾ ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار  پاڪستان تحريڪ انصاف جي مرڪزي اڳواڻ شاهه محمود قريشي سان ملاقات ڪئي.

ملاقات دوران پاناماليڪس ۽ خواجه آصف پاران شيرين مزاري کي نامناسب لفظ ڪوٺڻ واري معاملي تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.

اسحاق ڊار چيو ته قومي اسيمبلي ۾ نامناسب لفظ ڳالهائڻ تي بچاءَ واري وزير خواجه آصف کي پي ٽي آءِ اڳواڻ شيرين مزاري کان معافي وٺڻ گهرجي.

شاهه محمود قريشي جو چوڻ آهي ته اسلام آباد اسحاق ڊار معاملو ڳالهين ذريعي حل ڪرڻ جي خاطري ڪرائي آهي، جڏهن ته خواجه آصف کي شيرين مزاري کان معافي وٺڻ گهرجي……………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*