عالمي سطح تي پاڪستاني ٽيم جي ڪارڪردگي بهتر بڻائڻ کي پاڻ لاءِ چيلنج سمجهان ٿو:مڪي آرٿر

pakistan-new-coach-mickey-a

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي نئين هيڊ ڪوچ مڪي آرٿر چيو آهي ته عالمي سطح تي پاڪستاني ٽيم جي ڪارڪردگي بهتر بڻائڻ کي پاڻ لاءِ چيلنج سمجهان ٿو، ۽ پنهنجي عهدي کي پوري ايمانداري سان نڀائڻ جي ڪوشش ڪندس.

پي سي بي آفيس لاهور ۾ميڊيا سان ڳالهائيندي مڪي آرٿر چيو ته چيف سليڪٽر انضمام الحق ۽ پي سي بي عملدارن سان سندس ملاقات مثبت رهي.

هن چيو ته انضمام الحق کي چيف سلڪيٽر مقرر ڪرڻ  وارو پي سي بي جو فيصلو ساراهه جوڳو آهي.

مڪي آرٿر وڌيڪ چيو ته انضمام الحق رانديگرن جي ڪارڪردگي کي نظر ۾ رکندي انگلينڊ خلاف سيريز لاءِ ٽيم سليڪٽ ڪئي آهي، جيڪا مڪمل ميرٽ تي آهي.

مڪي آرٿر چيو ته پاڪستان جي ٽيم بهترين رانديگرن تي ٻڌل آهي، جيڪي دنيا جي ڪنهن به ٽيم کي شڪست ڏيڻ جي پوري صلاحيت رکي ٿي.

سندس چوڻ آهي ته پاڪستان جي ٽيم هر ڪنڊيشنز ۾سٺي ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪرڻ جي پوري اهليت رکي ٿي.

مڪي آرٿر چيو ته انضمام الحق ۽سندس خيال ملن ٿا، جنهن جو ٽيم تي سٺو اثر ٿيندو.

هيڊ ڪوچ جو وڌيڪ چوڻ هوته سليڪشن ۾ تسلسل هجڻ لازمي آهي، جنهن سان ٽيم جي ڪارڪردگي ۾ بهتري اچي سگهي ٿي.

قومي ٽيم جي نيئن هيڊ ڪوچ وڌيڪ چيو ته موجوده ٽيم جو بيٽنگ ڪوچ گرانٽ فلاور بهترين ڪوچ آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*