دنيا جي باڪسنگ جي عظيم باڪسر محمد علي جي جنازي نماز اڄ سندس آباڻي شهر لوئيس ول ۾ ادا ڪئي

muhmmad-ali

دنيا جي باڪسنگ جي عظيم باڪسر محمد علي جي جنازي نماز اڄ سندس آباڻي شهر لوئيس ول ۾ ادا ڪئي ويندي،جنهن بعد سڀاڻي سندس تدفين ڪئي ويندي.

عظيم باڪسر محمد علي جي جنازي نماز اڄ ادا ڪئي ويندي،جنهن بعد سڀاڻي کيس ڪينٽڪي رياست جي شهر لوئس ولِ جي هڪ قبرستان ۾ دفنايو ويندو.

عظيم باڪسر جي آخري رسمن ۾ دنيا جي مختلف ملڪن سان تعلق رکندڙ سربراهن جو وڏو انگ شرڪت ڪري رهيو آهي جنهن ۾ اڳوڻو آمريڪي صدر بل ڪلنٽن،ترڪي جو صدر طيب اردگان ۽اردن جو بادشاهه شامل آهي، جيڪي اڄ لوئس ولِ پهچي رهيا آهن.

عظيم باڪسر محمد علي جي جنازي نماز ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ 18 هزار ماڻهن جي جاءِ بڪ ڪرائي وئي آهي.

عظيم باڪسر جي جنازي نماز لاءِ ايتري وڏي جاءِ بڪ ڪرڻ جو مقصد اهو ته آمريڪا ۾ ڪنهن به مسجد ۾ ايترن ماڻهن جي گڏجي نماز پڙهڻ جي جي گنجائش نه آهي.

محمد علي کي ڪيوِ هل قبرستان ۾ دفنايوويندو، عِظيم باڪسر محمد علي جي قبر سندس والدين جي قبر کان 23 ڪلوميٽر پري آهي،جتي کيس دفنايو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*