امريڪي صدر اوباما کي ريپبليڪن پارٽي جي مستقبل بابت ڳڻتي

obama-

امريڪي صدر براڪ اوباما ريپبليڪن پارٽي جي مستقبل تي ڳڻتي ظاهر ڪندي چيو آهي ته ملڪ تڏهن ترقي ڪندو جڏهن ٻئي پارٽيون سنجيدگي سان ڪم ڪنديون. امريڪي ٽي وي جي پروگرام “ٽونائيٽ شو” ۾ ميزبان جمي فيلون کي انٽرويو دوران اوباما چيو ته برني سينڊرز ڊيموڪريٽ پارٽي ۾ صحتمند روايت کي هٿي وٺرائي، جنهن سان هليري ڪلنٽن بهتر اميدوار طور سامهون آئي. هن چيو ته ڊونلڊ ٽرمپ جي ورتاءُ سبب کيس ريپبليڪن پارٽي جي مستقبل بابت کيس ڳڻتي آهي، ڇاڪاڻ ته امريڪا تڏهن ئي ترقي ڪندو جڏهن ٻئي پارٽيون مسئلن جي حل لاءِ سنجيدگي سان ڪم ڪنديون.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*