عراقي راڄڌاني بغداد ۾ ٻن بم حملن ۾ 22 مارجي ويا، 70 زخمي

iraq-bom13

عراقي راڄڌاني بغداد ۾ بازار ۽ آرمي جي چيڪ پوسٽ تي ٻن بم حملن ۾ 7 فوجين سميت 22 کان وڌيڪ ماڻهو مارجي ويا ۽ 70 زخمي ٿي پيا. بغداد جي الجديده بازار ۾ بارود سان ڀريل ڪار کي ڌماڪي سان اڏايو ويو، جنهن جي نتيجي ۾ 15 ڄڻا مارجي ويا ۽ 50 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا. ٻيو حملو آپگهاتي هو، جنهن ۾ بمبار تاجي جي علائقي ۾ فوج جي چيڪ پوائنٽ کي نشانو بڻايو، جنهن ۾ 7 فوجي اهلڪار مارجي ويا ۽ 20 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا. هي بم حملا اهڙي وقت ڪيا ويا آهن، جڏهن عراقي فوج فلوجا جو قبضو حاصل ڪرڻ لاءِ داعش خلاف وڏي ڪارروائي ۾ مصروف آهي

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*