تل ابيب ۾ فلسطينين جي حملي ۾ 4 اسرائيلي مارجي ويا، 13 زخمي

TOPSHOTS-PALESTINIAN-GAZA-ISRAEL-CONFLICT

اسرائيلي پوليس جو چوڻ آهي ته تل ابيب جي مرڪزي شاپنگ سينٽر ۾ فلسطيني حملي آورن جي فائرنگ ۾ 4 ڄڻا مارجي ويا آهن ۽ 13 زخمي ٿي پيا آهن. پوليس موجب سارونا مارڪيٽ ۾ ٻن هنڌن تي حملا ڪيا ويا، جيڪو اسرائيلي دفاعي وزارت توڙِ فوج جي مرڪزي دفتر جي ويجهي وارو علائقو هو. اسرائيلي پوليس موجب حملي آورن جو تعلق فلسطين جي ڳوٺ ياتا سان آهي ۽ ٻئي هٿياربند هن وقت پوليس جي تحويل ۾ آهن، جن مان هڪ جو اسپتال ۾ آپريشن ڪيو ويو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*