ڪراچي ۾ ناظم آباد جي علائقي لنڊي ڪوتل ۾ هڪ مسجد جي ڇت ڪرڻ جي نتيجي ۾ 5 نمازي شهيد ۽ ڪيترائي زخمي

karachi-nazmabad-musque

نارٿ ناظم آباد واري علائقي ۾ جمعي جي نماز دوران مسجد جي ڇت ڪرڻ سبب 5 نمازي شهيد ۽ 15ڄڻا  زخمي ٿي پيا، جڏهن ته وڏي وزير انساني جانين جي ضايع ٿيڻ تي افسوس جو  اظهار ڪندي ڊي سي سينٽرل کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.

نارٿ ناظم آباد جي لنڊي ڪوتل واري علائقي  جي عثمان غني مسجد ۾ لوهي چادرن واري ڇت ڪرڻ سبب 5نمازي شهيد ۽ 15 ڄڻا زخمي  ٿي پيا، فوتين جا لاش ۽ زخمين کي عباسي شهيد اسپتال منتقل  ڪيو  ويو.

اکين ڏٺن شاهدن موجب مسجد جي ڇت تي گهڻا پکا لڳل هئا ۽ مسجد مٿان سيمينٽ جا بلاڪ به رکيل هئا، جنهن دوران ڇت جو هڪ حصو ڪري پيو.

مسجد جي ڇت ڪرڻ سبب عبدالرافع، محمد سليم، فيصل، يعقوب ۽ حاجي اختر نالي نمازي شهيد ٿي ويا.

 وڏي وزير سيد قائم علي شاهه  انساني جانين جي ضايع ٿيڻ تي افسوس جو  اظهار ڪندي ڊي سي سينٽرل کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*